چاچڙ، حاجي شاهنواز خان

چاچڙ، حاجي شاهنواز خان

چاچڙ حاجي شاهنواز خان

چاچڙ، حاجي شاهنواز خان: گهوٽڪي ضلعي جي مشهور سماجي شخصيت، حاجي شاهنواز خان ولد شفيع محمد چاچڙ، 15 جنوري 1929ع تي ڳوٺ ميرن دڙي، گهوٽڪيءَ ۾ جنم ورتو. سندن خانداني نسبت نامياري محدث ۽ عالم محمد حيات سنڌيءَ سان ملي ٿي. پرائمري تعليم اباڻي ڳوٺ ۾ پڙهي، 1946ع ۾ فائنل جو امتحان پاس ڪيائين. ان بعد سنڌ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪري، قانون جي تعليم وٺي 1958ع ڌاري ايل. ايل. بي جي ڊگري حاصل ڪئي.
عملي زندگيءَ جو آغاز فائنل پاس ڪرڻ بعد ڪيائين. پهريان شڪارپور جي هاءِ اسڪول ۾ استاد رهيو، پوءِ سکر جي گورنمينٽ بورڊنگ اسڪول ۾ انگلش ٽيچر ۽ هاسٽل جو وارڊن به رهيو. ڪجهه عرصي بعد نوڪري ڇڏي وڪالت ۽ سماجي ڪمن ۾ مصروف ٿي ويو، 1961ع ۾ سول جج ٿيو ۽ 1971ع ۾ ايڊيشنل سيشن جج طور ڍاڪا ۾ سندس مقرري ٿي، پر جوائن نه ڪيائين ۽ پنهنجي علائقي جي فلاح ۽ ترقيءَ کي ترجيح ڏنائين.
حاجي شاهنواز خان سياست ۾ به سرگرم رهيو. پاڪستان مسلم ليگ جو ضلعي صدر رهيو، ايوب خان جي دؤر ۾ بي. ڊي اليڪشن ۾ ڪاميابيءَ بعد مختلف ڪاميٽين جو چيئرمئن رهيو. اڳتي هلي جڏهن پيپلز پارٽيءَ جو بنياد پيو ته پ. پ گهوٽڪي ريجن جي صدر طور سرگرم رهيو ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل سکر جو آخر تائين ميمبر رهيو.
حاجي شاهنواز پنهنجي سموري زندگي علائقي جي ماڻهن جي فلاح ۽ تعليمي ادارن جي قيام لاءِ وقف ڪئي. ڳوٺ دڙيءَ ۾ مڊل ۽ هاءِ اسڪول ۽ آسپاس جي ڳوٺن شاليواري، ميرن دڙي وغيره جا پرائمري ۽ مڊل اسڪول سندس ڪوششن سان قائم ٿيا. انهن ڳوٺن ۾ بجلي، ايريگيشن، صحت مرڪز ۽ جانورن جون اسپتالون به منظور ڪرايائين. گهوٽڪي شهر ۾ گورنمينٽ ڪاليج قائم ڪرايائين. گهوٽڪي لا ڪاليج جو باني ۽ پرنسپال رهيو، گورنمينٽ انٽر ميڊئيٽ ڪاليج کي ڊگري ڪاليج جو درجو ڏياريائين. گرلس هاءِ اسڪول گهوٽڪي ۽ پبلڪ اسڪول گهوٽڪيءَ جو قيام به حاجي شاهنواز جي ڪوشش سان ٿيو. هن ڊي. سي هاءِ اسڪول گهوٽڪيءَ ۾ آرٽس ڪاليج جو قيام عمل ۾ آڻايو، اڳوڻو وزيراعليٰ، اختر علي. جي قاضي سندس ويجهو دوست هو. جنهن جي سهڪار سان ڄاڻايل تعليمي ڪم ڪرايائين. اسلاميه ڪوآپريٽو ايڊيوڪيشنل سوسائٽيءَ جو 1979ع کان 2007ع تائين جنرل سيڪريٽري؛ ان کانپوءِ 4 سال ان جو چيئرمئن رهيو.

2000ع کان 2004ع تائين سنڌ بار ڪائونسل جو ميمبر ۽ 2009ع تائين ان جي ايگزيڪيوٽوِ ڪميٽيءَ جو ميمبر رهيو. پاڻ ضلعي تعليمي ڪاميٽيءَ جو چيئرمئن ۽ گهوٽڪي ڊسٽرڪٽ بار جو 2000ع کان 2004ع تائين پريزيڊنٽ رهيو. حاجي شاهنواز خان کي ادب سان به دلچسپي رهي، ’نياز‘ تخلص سان شعر به لکيائين. سندس شاعري ۽ لکڻيون مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيون. حاجي شاهنواز خان، 22 فبروري 2011ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1929.01.15  عيسوي

حاجي شاهنواز خان: گهوٽڪي ضلعي جي مشهور سماجي شخصيت، حاجي شاهنواز خان ولد شفيع محمد چاچڙ، 15 جنوري 1929ع تي ڳوٺ ميرن دڙي، گهوٽڪيءَ ۾ جنم ورتو.


2011.02.22  عيسوي

حاجي شاهنواز خان، 22 فبروري 2011ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڪامريڊ علي محمد جمالي
جلال الدين سرخ بخاري
احمد جي چاڳلا
احمد ابراهيم
چڪوري
محمد سومار ٿيٻو
صديقي محمد صالح
خروشچيف
سوامي سکديو مهراج
جيمس ينگ سمپسن
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون